شڪارپور سيمينار

شڪارپور سيمينار

شڪارپور سيمينار

شڪارپور سيمينار (سووينيئر): شڪارپور شهر جي تاريخ بابت هي سيمينار ‘شڪارپور ڊسٽرڪٽ هسٽاريڪل سوسائٽي’ طرفان 2 مئي 1985ع تي منعقد ڪيو ويو، انهي سيمينار جي موقعي تي پڙهيل تحقيقي مقالن ۾ هي شامل آهن: (1) شڪارپور شهر جو بنياد (ڊاڪٽر عبدالخالق سومرو)، (2) شڪارپور- سياحن ۽ مؤرخن جي نظر ۾ (ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي)، (3) شڪارپور جي ماڻهن جي رهڻي ڪهڻي (حبيب الله مولابخش ڀٽو)، (4) سنڌو واهه (پير حسام الدين راشدي)، (5) شڪارپور ضلعي جي صحافت 1900ع کان 1984ع تائين (انور فگار هڪڙو).
تحقيقي مقالن کانسواءِ هن ۾ شڪارپور جي عالمن، اديبن، شاعرن، سياستدانن ۽ ماڳن مڪانن جون ناياب تصويرون پڻ شامل آهن. ڊبل ڪرائون سائيز ۾ 64 صفحن تي مشتمل هي سووينيئر شڪارپور ڊسٽرڪٽ هسٽاريڪل سوسائٽي شڪارپور طرفان 1985ع ۾ شايع ٿيو جنهن جي ڪا به قيمت ڄاڻايل نه آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1985.05.02  عيسوي

شڪارپور شهر جي تاريخ بابت هي سيمينار ‘شڪارپور ڊسٽرڪٽ هسٽاريڪل سوسائٽي’ طرفان 2 مئي 1985ع تي منعقد ڪيو ويو،



ڪتاب - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

سنڌ رگ ويد کان شيخ اياز تائين
اسلام ۽ آريه سماج (ڀاڱو پهريون)
ٻه ڪتاب
ٽي گهر
سنڌو لکت جو بين الاقوامي لکتن سان لاڳاپو
پيار جي موٽ ۾
حيات ابوبڪر صديق رضه
انور سائينءَ جو رسالو
ديوان مسڪين 1
سندهي اردو لغت
ڪتاب ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون